ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪراچي جي ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ ڪٿي ڪٿي مينهن جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ ۽ جزوي طور تي ڪڪر رهندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب شهر جي هوا ۾ نمي جو تناسب 70 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اولهه کان 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 31.1 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو