ڪراچي (ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي بونداباندي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور تي ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي ۽ صبح جو هلڪي ڪوهيڙي جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 21.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 29 کان 31 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 83 سيڪڙو آهي ۽ شهر ۾ اولهه کان هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته اڄ شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي بونداباندي جو امڪان آهي.










