ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين تيز برسات جي اڳڪٿي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين تيز برسات جي اڳڪٿي به ڪئي وئي.نجي ٽي وي موجب اڄ سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي ڪجهه علائقن خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جي اميد ظاهر ڪئي آهي.تيز برسات سبب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ بدين جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين تيز برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ ٻوڏ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي نيو ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ صورتحال انتهائي خراب آهي نالن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو