ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ساحل پوليس ڪلفٽن ۾ چوري جي الزام ۾ هڪ ڪروڙ پتي گهريلو ملازمه کي گرفتار ڪيو. ملازمه انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڪروڙين رپين جو سون ۽ نقد چوري ڪيو، پوليس موجب، جوابدار عورت کي ڪلفٽن جي هڪ عورت جي شڪايت تي داخل ٿيل ڪيس تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، عورت جي شڪايت ۾ درج ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار گذريل اٺ سالن کان اسان جي گهر ۾ ڪم ڪري رهي هئي، جاچ دوران گرفتار عورت جوابدار ڪيترن ئي سالن کان گهر مان پئسا ۽ قيمتي شيون چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار کان 21 تولا سون جا بسڪٽ ۽ 227,000 رپيا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار چوري ڪيل پئسن سان لکين رپين جي ملڪيت ۽ گاڏيون خريد ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار پنهنجي اڪائونٽ مان وڏي رقم ٻين اڪائونٽن ۾ منتقل پڻ ڪئي آهي.










