ڪراچي ايئرپورٽ تي جعلي دستاويزن جي الزام ۾ جوابدار گرفتار

ڪراچي ايئرپورٽ تي جعلي دستاويزن جي الزام ۾ جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران جعلي سفري دستاويزن تي پرڏيهه سفر ڪندڙ هڪ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو.وفاقي جاچ اداري موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2 جعلي پاسپورٽ مليا آهن، جن تي جعلي يورپي ويزا لڳل هئا. مسافر چيو ته هن هڪ سوشل ميڊيا ايپ تي ايجنٽ سان رابطو ڪيو، جنهن کيس جعلي پاسپورٽ ۽ يورپي ويزا فراهم ڪيو. ايف آءِ اي اختيارين موجب جعلي دستاويزن جي سهولت تي ايئرپورٽ تان 2 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، حراست ۾ ورتل سهولتڪارن ۾ هڪ معطل پوليس آفيسر به شامل آهي.ايف آءِ اي ٽنهي جوابدارن کي جاچ لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو