اسلام آباد: (رپورٽ اياز مهر) حڪومت وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي 12 وفاقي وزير، 9 مملڪتي وزيرن، 3 صلاحڪارن ۽ 4 معاون خصوصي کي شامل ڪيو آهي. نون وزيرن ۽ مشيرن کي صدر اصف علي زرداري ايوان صدر ۾ حلف کڻايو. حلف کڻندڙ وفاقي وزيرن ۾ طارق فضل چوڌري، علي پرويز ملڪ، اورنگزيب خان کچي، خالد حسين مگسي، محمد حنيف عباسي، محمد معين وٽو، محمد جنيد انور، محمد رضا حيات هراج، سردار محمد يوسف، شازا فاطما خواجا، رانا مبشر اقبال ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل آهن. حلف کڻندڙ 9 مملڪتي وزيرن ۾ ملڪ رشيد احمد خان، عبدالرحمان خان ڪانجو، عقيل ملڪ، بلال اظهر ڪياني، کيسو مل کيئل داس، محمد عون ثقلين، مختار احمد ملڪ، طلال چوڌري ۽ وجيهه قمر شامل آهن. ان کان علاوه، وزيراعظم جي ٽن صلاحڪارن، سيد توقيرحسين شاهه، محمد علي ۽ پرويز خٽڪ پڻ عهدي جو حلف کنيو، نوٽيفڪيشن موجب هنن ٽنهي کي وفاقي وزير جو درجو حاصل هوندو. جڏهن ته راڻا ثناءُ الله جيڪو وزيراعظم جو مشير آهي تنهن کي به وفاقي وزير جو درجو مليل آهي. هاڻي وفاقي وزيرن جو انگ 30 ۽ مملڪتي وزيرن جو انگ 9 ٿي ويو آهي. 4 صلاحڪار ۽ 8 معاون خصوصي ٿي ويا آهن. هن وقت 2 مملڪتي وزير شيزا فاطما ۽ علي پرويز ملڪ آهن جن کي هاڻي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي. هن وقت 4 وزيراعظم جا اسپيشل اسسٽنٽ آهن جن کي مملڪتي وزير جو درجو حاصل آهي. انهن ۾ طارق فاطمي، محمد علي، فهد هارون ۽ محمد صادق شامل آهن. اڄ ڪابينا دويز 4 وڌيڪ معاون خصوصي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جن ۾ هارون اختر، حذيفه رحمان، مبارڪ زيب ۽ طلحا برڪي شامل آهن. هنن چئني معاون خصوصي کي به مملڪتي وزير جو درجو حاصل هوندو.
FEDERAL MINITER
Federal Miniter by sindhyarskr on Scribd
ADVISER TO PM
Adviser To PM by sindhyarskr on Scribd
SPECIAL ASSISTANT TO PM
Special Assistant To PM by sindhyarskr on Scribd










