کليل کير صحت لاءِ هاڃيڪار قرار، وڪري تي پابندي جو فيصلو

کليل کير صحت لاءِ هاڃيڪار قرار، وڪري تي پابندي جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب فوڊ اٿارٽي لاهور ۾ کليل کير جي وڪري تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنجاب فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ آهي ته کليل کير تي سڄي صوبي ۾ پابندي لڳائي ويندي، پر پهرين مرحلي ۾ لاهور ۾ پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.ڊي جي فوڊ اٿارٽي موجب ٽيسٽنگ واري مرحلي ۾ کليل کير صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ لاهور ۾ روڊ، رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ موجود دڪانن تي به هاڻ پيڪ ٿيل کير وڪرو ڪيو ويندو.هن چيو ته معاملي تي گوالا ايسوسيئيشن سان ڳالهيون هلي رهيو آهن، کين اعتماد ۾ وٺي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو