ٺارو شاهه (ن سنڌيار)ٺاروشاھ لڳ ڳوٺ سخي داد واھي ۾ ھول سيلر مير خان بلادي جو منشي ڪميل لانگاھ مٺياڻي مارڪيٽ مان اوڳاڙي ڪري موٽي رھيو ھو ته کانئس موٽر سائيڪل تي ايندڙ ٻن نامعلوم ماڻهن ٺاروشاھ لڳ روڪ رقم 9100 روپيا گاڏي جا ڪاغذ ۽ موبائيل ڦري فرار ٿي ويا. متاثرن پوليس اسٽيشن پھچي نا معلوم ھٿيار بندن تي اين سي داخل ڪرائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته ھٿيار بند مٺياڻي کان پيڇو ڪيو ۽ موقعو ملڻ تي انهن ڦر ڪئي. ھن چيو ته وڏي رقم بئنڪ ۾ جمع ڪرائي هئي ۽ لڳي ٿو ته بئنڪ کان هي تاڙ ۾ هئا.










