مقتول نينگري جو قاتل سندس پيءُ نڪتو

مقتول نينگري جو قاتل سندس پيءُ نڪتو

ميھڙ(ن سنڌيار) ميھڙ شھر جي ابراهيم ڪالوني ۾ وحشي صفت درندي  پيءُ پاران 10 مهينا اڳ پنهنجي معصوم 11 ورهين جي نينگري ريشمان چانڊيو جي مٿان فائرنگ ڪري  کيس زخمي ڪرڻ کان پوءِ  قتل ۾ سندس والد مشتاق چانڊيو انڪوائري بعد ملوث ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پوليس جوابدار مشتاق چانڊيو کي گرفتار ڪري کيس لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏھن  ته نينگري ريشمان چانڊيو جي قتل ۾ سندس والد مشتاق چانڊيو ۽ 2 سهولتڪار راشد لاشاري ۽ شعيب لاشاري به ملوث هجڻ جو اي ايس پي علينا راڄپر پاران انڪوائري ڪرڻ سان انڪشاف ٿيو آهي. جوابدار مشتاق چانڊيو جو پنهن جي مائٽن سان ذاتي ناراضگي ۽ ڏيتي ليتي تي ناراضگي  هئي جن کي ڦاسائڻ لاء معصوم نياڻي مٿان فائر ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويوهو جنهن ۾ معصوم نينگري زخمن جا تاب نه سهندي  فوت ٿي وئي هئي جڏھن ته پوليس راشد لاشاري ۽ شعيب لاشاري جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو