نواب شاھه (ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن پي ايم سي اسپتال عمر فاروق بلو سان گڏجي پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال نوابشاھ جي مختلف شعبن جهڙوڪ؛ ٽراما سينٽر، گائني وارڊ ،سي ٽي اسڪين سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن کان ملندڙ صحت جي سھولتن بابت معلومات ورتي ٽراما سينٽر جي دوري دوران ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي غيرموجودگي تي ڊپٽي ڪمشنر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته سنڌ جو ٽيون وڏو پي ايم سي اسپتال جيڪو سنڌ جي سينٽر ۾ موجود آهي ان جي باوجود ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر ۽ عملو ٽراما سينٽر ۾ موجود ناهي هن اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر يار علي جمالي کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته ٽراما سينٽر سميت سمورن وارڊن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ ۽ داخل مريضن کي صحت جون بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ڊپٽي ڪمشنر ايم ايس کي اھا پڻ هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ صفائي سميت ٻين طبي سهولتن جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته داخل ۽ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي تمام ٽيسٽن جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي ميڊيڪل اسٽور جو پڻ دورو ڪيو ۽ دوائن بابت معلومات ورتي.










