ميرپور خاص (ن س)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهنواز جي ماورائي عدالت قتل ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم دوران تشدد ۽ حقيقتون لڪائڻ جي الزام ۾ هڪ ميڊيڪو ليگل آفيسر (ايم ايل او) کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب، ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر منتظ مهدي کي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد جا ثبوت لڪائڻ جي الزام ۾ ميرپورخاص مان گرفتار ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف جاچ جاري آهي. جوابدار خلاف قتل، دهشتگردي ۽ حراست ۾ تشدد جي قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اختيارين چيو ته شڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ گرفتاريون متوقع آهن.ايف آءِ اي ترجمان موجب واقعي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.










