چوپائي مال ۾ بيماري ڪيترائي ڍور مري ويا

سانگھڙ(رپورٽ ذوالفقار شاھ) چوٽياريون ويجهو ٽنڊو مٺاخان ۽ ڀرپاسي ۾  چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون جنهن ۾ ڳل گهوٽو، فلو، ڦڦڙي جي بيماري، سيڙھاني، پتي جي بيماري ۽ ٻيون بيماريون شامل آھن جنهن ۾ چوپايو مال وڪوڙجي ويو ,موتمار بيماري ۾ چوپايو مال, ٻڪريون ۽ رڍون مرڻ لڳيون، مري ويل مال روڊن ۽ رستن ۽ واهن جي ڪپرن  تي پيل آھن ,چوپايو مال بيماري ۾ مرڻ سبب مالوند ماڻھن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آھي، ,هوڏانهن وٽرنري کاتي جو عملو ۽ ڊاڪٽر غائب آھن ,علائقن ۾ تيزي سان پکڙندڙ بيماري باوجود چوپائي مال کي بيماري کان بچاء جي ويڪسين توڙي علاج ڪرڻ لاء نه پهتا آھن, هڪ ڏينهن پهريان منور خاصخيلي جون چار ٻڪريون پڻ مري ويون هن جي چوڻ موجب ٽنڊو مٺا خان ۾ ڊاڪٽر لاء ويا سون پر ڊاڪٽر نه هئڻ سبب علاج نه ٿي سگهيو ۽ اسان جون ٻڪريون مري ويون ,منور خاصخيلي، پٺاڻ خاصخيلي، خير محمد، محمد خان ۽ ٻين علائقي واسين سنڌحڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ٽنڊي مٺا خان ۾ چوپائي مال جو ڊاڪٽر مقرر ڪري اسان جو مال بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو