ڄڃ سان ڀريل بس جو ٽريڪٽر سان ٽڪر 10 ڄڻا فوت 30 زخمي

ڄڃ سان ڀريل بس جو ٽريڪٽر سان ٽڪر 10 ڄڻا فوت 30 زخمي

لاڙڪاڻو )رپورٽ عبدالوحيد  ابڙو) مشوري شريف روڊ تي ڄڃ سان ڀريل بس ۽ ٽريڪٽر ۾ اوچتو ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙن ۽ ھڪ عورت سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 ٻيا مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال نيو ويوجن مان ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي  ٻڌائي پئي وڃي. حادثي بعد عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،

Coach accident, many bodies were lying on the floor

اطلاع ملڻ تي آس پاس جا ماڻهو امدادي ڪم لاءِ پهتا. پوليس به پهچي وئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ اکين ڏٺن شاهدن کان تفصيل معلوم ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو