ڄام صادق پل 19 اپريل جي رات کان 3 وڳي تائين بند رهندو

ڄام صادق پل 19 اپريل جي رات کان 3 وڳي تائين بند رهندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قيوم آباد کان انڊسٽريل ايريا ڏانهن ويندڙ جام صادق پل کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ٽريفڪ پوليس موجب، ڄام صادق پل تي ترقياتي ڪم 19 اپريل تي 12:00 وڳي کان 20 اپريل تي 3:00 وڳي تائين ڪيو ويندو، جنهن دوران پل ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند رهندو.ٽريفڪ پوليس موجب، اختر ڪالوني کان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي ايس ايم منير روڊ کان بروڪس چورنگي ڏانهن موڙيو ويندو.ان کان علاوه، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کان محمود آباد ويندڙ ٽرئفڪ کي بروڪس چورنگي کان فيض محمد خان روڊ ڏانهن موڙيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو