خيرپور(رپورٽ سجاد علي ڪٻر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق خيرپور ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ حفيظ الله ميمڻ سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن بار بار ملڪ ۾ حڪومتون ڪيون آهن ۽ پيپلز پارٽي ته هن وقت به سنڌ اندر اقتدار ۾ آهي ن ليگ به ڪيترائي ڀيرا حڪومت ڪئي آهي انهن جماعتن اندر هميشه اختلافات پنهنجي مقصد ۽ مفاد لاء آهن ۽ پي ڊيم ايم ۾ جيڪي جماعتون گڏ آهن اهي صرف ۽ صرف پنهنجي مفادن خاطر گڏ آهن اصل پاڪستان جي عوام جي حقيقي جماعت اسان جي پارٽي آهي جنهن ملڪ جي عوام هر ڏکئي وقت ساٿ ڏنو آهي ملڪ اندر زلزلو, ڪورونا سميت ٻيا مسئلا آيا جنهن ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي جزيرن تي سنڌ حڪومت ڪڏهن به ڊولپمينٽ ناهي ڪئي نه ور سنڌ حڪومت انهن تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو آهي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به ترقياتي ڪم ڪرائي ملڪ اندر پيدا ٿيل مهانگائي تي عمران خان چوي ٿو مان پاڻ نگراني ڪندس ۽ وزير اعظم جڏهن به ڪنهن به شئي جو نوٽيس وٺندو آهي ته اها ملڪ مان ناياب ۽ مهانگي ٿي ويندي آهي هن وڌيڪ چيو ته رمضان شريف ايندي ئي ملڪ اندر مهانگائي جو جن نڪري پوندو آهي ان موقعي تي مرڪزي نائب امير اسد الله ڀٽو, ممتاز سهتو, حافظ نصر الله , عزيز چنو, ثناء الله منصوري, مولانا عزيز الرحمان , حسن طارق, محمد اسلم آرائين , عبدالمنان شيخ, عبدالقدير مهيسر ۽ ٻيا گڏ هيا.










