پي ٽي آءِ 9 جنوري تي پنجاب جي وڏي وزير کان اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ 9 جنوري تي پنجاب جي وڏي وزير کان اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 9 جنوري تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ 9 جنوري جي اجلاس ۾ اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان ميمبرن کي ڪي به هدايتون جاري ناهن ڪيون. ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته اعتماد جو ووٽ عدالتي فيصلي سان مشروط ڪيو وڃي. اعتماد جي ووٽ جي لاءِ گورنر جي حڪم جي ڪابه آئيني حيثيت نه آهي.ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺندو ته گورنر جو آرڊر آئيني ٿي ويندو.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر زينب عمير چيو آهي ته اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان سمون رخن تي صلاح مشورا جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو