پورٽ قاسم، بوائلر لائن  فاٽڻ سبب ٻه ڄڻا فوت

پورٽ قاسم، بوائلر لائن فاٽڻ سبب ٻه ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پورٽ قاسم ويجهو هڪ ڪمپني ۾ بوائلر لائن ڦاٽڻ سبب ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب پورٽ قاسم ويجهو هڪ ڪمپني ۾ بوائلر لائن ڦاٽڻ سبب چار ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا.سڀني لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته بوائلر ڌماڪي جي جاچ جاري آهي ۽ ڌماڪي جي سببن جو تعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو