لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز پي ٽي آءِ جي نااهلي بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ڪهڙي به ڪم ڪري، پنجاب کي شينهن کان کسڻ جو خواب چکنا چور ٿي ويندو.هن چيو ته فرح گوگي جي ڦرلٽ ۽ تباهي تي صوبو سخت ڪاوڙيل آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب جي عوام جو احتساب ڪيو ويندو.مريم نواز چيو ته عمران خان جنهن اليڪشن ڪميشن سان بدتميزي ڪئي، ان کي ٿورو شرم ضرور آيو هوندو، پر ڪٿي!










