ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پرڏيهي ايئر لائن جي جهاز جي فني خرابي کي حل ڪيو ويو آهي، ڪراچي کان پرواز حج پانڌيئڙن کي کڻي جده لاءِ روانو ٿي وئي.ايئرپورٽ ذريعن موجب، لاهور کان جده ويندڙ پرواز ڪراچي ۾ فني لينڊنگ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز کي گرائونڊ ڪيو ويو ۽ حج پانڌيئڙن کي هوٽل منتقل ڪيو ويو.ايئرپورٽ ذريعن موجب، هڪ ٽيڪنيڪل ٽيم جده کان پهتي، فني خرابي کي حل ڪرڻ کان پوءِ پرواز اڄ روانگي ٿي.










