پروفيسر رسول بخش لاءِ چيني يونيورسٽي جو اعزاز

پروفيسر رسول بخش لاءِ چيني يونيورسٽي جو اعزاز

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر چائنا جي يونيورسٽي آف شنخوا   (Tsinghua) جو بهترين المنائي قرار. تفصيل موجب ايشيا جي رينڪنگ ۾ پهرئين ۽ دنيا جي يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ 15هين نمبر تي آيل چائنا جي يونيورسٽي آف شنخوا مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر کي پنهنجو بهترين المنائيAlumni قرار ڏنو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، مهراڻ يونيورسٽي جي ڊينز، استادن ۽ شاگردن پاران ڊاڪٽر رسول بخش مهر کي اهڙو اعزاز ملڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو