ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ محمود عامر جو يوم تشڪر جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج طرفان طاقت جي پڃارين جو تڪبر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو اسان کي پنهنجي پاڪ فوج تي فخر آهي هن تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سموري پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ ڪلهو ڪهلي سان ملائي بيٺل آهي هن چيو ته دشمن فوج جي پروبيگنڊي تي سموري دنيا جي ميڊيا انهن تي ڇو ڇنڊي رهي آهي ۽ سفارتي سطح تي به ڀارت کي مڪمل ناڪامي کي منهن ڏيڻو پئي ٿو پاڪ فوج رب تعاليٰ جي ڪرم سان دشمن جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي هن وڌيڪ چيو ته دشمن اسان کي ڌمڪيون ڏئي سمجهي رهيو هو ته هو هن خطي ۾ پنهنجي بالادستي قائم ڪندو ۽ دشمن کي پنهنجي رافيل تي ڀروسو هو پر اسان کي پنهنجي رب پاڪ تي ڀروسو هو تقريب کانپوءِ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ محمود عامر قومي پرچم ڪشائي پڻ ڪئي تقريب ۾ ڊپٽي آڊيٽر جنرل احمد شيخ، ڊپٽي آڊيٽر جنرل ڏکڻ غلام محمد سمون ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو .










