ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمرڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو سڀني سياسي جماعتن جي اتحاد سان آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار جي حمايت ۾ جي ڊي اي، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، هڙئي مذهبي ڌريون ۽ قوم پرست پارٽيون گڏ ٿي ويون آهن.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏيڻ سڀني جماعتن جي اتحاد جو خواب آهي، انشاءَ الله، پاڪستان پيپلز پارٽي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ڪاميابي ماڻيندي.واضح رهي ته قومي اسمبليءَ جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ 17 اپريل تي ٿي رهي آهي، جنهن ڪري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.2024 جي عام چونڊن ۾ نواب يوسف تالپور هن تڪ مان قومي اسمبلي جو رڪن چونڊيو ويو جڏهن ته هلندڙ سال فيبروري سندس لاڏاڻي کانپوءِ اِها سيٽ خالي ٿي هئي.










