پ پ مايوس ڪيو، اميد ته مايوسي ختم ڪندا، حيدري

پ پ مايوس ڪيو، اميد ته مايوسي ختم ڪندا، حيدري

نوشھرو فيروز( رپورٽ منظور ملڪ)اڳوڻي سينيٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ھاڻوڪي سينيٽر ۽ جمعيت علماء اسلام پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري جي مٺياڻي آمد حاجي عبدالله ملڪ پاران لڳرايل هڪ روزه مفت اکين جي ڪئمپ جو افتتاح ڪيو ويو، مرحوم استاد محمد بخش ملڪ جي ايثال ثواب لاءِ حاجي عبدالله ملڪ جي تعاون ۽ لال مسجد مٺياڻي انتظاميه طرفان هڪ روزہ فري ميڊيڪل چيڪ اپ جو افتتاح ڪيو ويو جنھن ۾ اکين جي ڪيمپ  بلڊ پريشر ۽ شگر جي چڪاس سان گڏ دوائون پڻ مفت ڏنيون ويون، جي يو آئي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علامه عبدالغفور حيدري صحافي شوڪت ملِڪ جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده مؤقف مايوس ڪيو آھي اميد ته  پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کي مايوس نه ڪندي ۽ گڏجي هلندي موجوده حڪومت عوام کي بک بدحالي طرف ڌڪيو آھي وڌيڪ عبدالغفور حيدري چيو ته عمران خان جي ڪرونا پازيٽو تي سياست نه  ڪبي باقي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ کان ٻح ڏينهن اڳ ويڪسين لڳائڻ جي باوجود ڪرونا پازيٽو هڪ سواليا نشان ضرور آھي ھن وڌيڪ چيو ته آزادي مارچ ملتوي جي حوالي سان جڏهن به  جمعيت جي ڪارڪنن کي پنهنجي قائد جو حڪم ملندو ته اسلام آباد طرف روانا ٿيندا ان موقعي تي نوشهروفيروز ضلعي امير مولانا عبدالرحمن ڏنگراچ ۽ ٽائون ڪميٽي مٺياڻي جو امير مولانا مبين احمد ڀرٽ،   حاجي نظير احمد سومرو،  ڪيمپ انتظاميا ۽ سندس ٽيم سان گڏ جميعت علماء اسلام جا ڪارڪن پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو