ٽرئفڪ قانون جي پاسداري نه ڪندڙن خلاف ڪاراويون،گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون

ٽرئفڪ قانون جي پاسداري نه ڪندڙن خلاف ڪاراويون،گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون

ڪراچي، (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس طرفان ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين خلاف ڀرپور آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران ڪراچي شهر مان 36 ايچ ٽي وي، ايل ٽي وي گاڏيون، 382 موٽر سائيڪلون تحويل ۾ ورتيون ويون. آپريشن ۾ مجموعي طور تي 12 واٽر ٽينڪر، 2 مني بسون، 2 مني ٽرڪ، 3 ڊمپر، 8 ٽرڪ، 1 بس، 1 مزدا، 5 آئل ٽينڪر ۽ 2 ايچ ٽي وي ٽرڪ تحويل ۾ ورتا ويا. ڪاررواين بابت هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي هدايتن تي صوبي ۾ ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ مربوط ۽ منظم ڪارروايون جاري آهن. ڪاررواين جو مقصد شهرين کي محفوظ بڻائڻ، رستن کي منظم رکڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ آهي. شرجيل انعام ميمن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو بنا هيلمٽ جي سفر ڪري رهيا هئا، انهن جون موٽر سائيڪلون پڻ تحصيل ۾ ورتيون ويون آهن. ڪالھھ 8 اپريل کان شهر ۾ پراڻين گاڏين ۽ ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مهانگين لگزري گاڏين خلاف ڪاررايون شروع ڪيون ويون آھن، ۽ اهي ڪارروائيون روزاني جي بنياد ٿي رھيون آھن. هن چيو ته هر سطح تي قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو ويندو، ڪو به شخص قانون کان بالاتر ناهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي پريشاني کان بچڻ لاءِ ٽريفڪ قانونن جي پابندي ڪن، هيلمٽ پائين، گاڏين جا مڪمل ڪاغذ رکن، ۽ روٽ پرمٽ يا فٽنيس سرٽيفڪيٽ جهڙيون قانوني گھرجون پوريون ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو