ٻگهاڻ ۾ روڊ حادثو هڪ فوت 2 ڪراچي واسي زخمي

ڳاڙهو (رپورٽ سلطان کٽي)ٻگھاڻ جنگيسر روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ پھچايو ويو؛ زخمن جا سور نه سھندي هڪ ڄڻو نالي دلبر ولد شفيع محمد ميربحر فوت ادريس ملاح کي طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سڀني زخمين ۽ فوتي جو تعلق ڪراچيءَ جي پراڻي سبزي منڊيءَ  سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو