ٻيلن جي زمين تي فصل پوکڻ ناقابل ضمانت ڏوهه هوندو، شاهه

ٻيلن جي زمين تي فصل پوکڻ ناقابل ضمانت ڏوهه هوندو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات، ٻيلو کاتو سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٻيلي کاتي جي ايندڙ ترقياتي پروگرام لاءِ وڏن شهرن ۾ اربن فاريسٽ جون نيون اسڪيمون شامل ڪيون وڃن. جڏهن ته سنڌ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ بلاڪ پلانٽيشن کي هٿي وٺرائي وڃي. اها ڳالهه هن ٻيلي  کاتي جي ترقياتي اسڪيمن ۽ بجيٽ جي متعلق اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اربن فاريسٽ جي منصوبن ۾ خاص دلچسپي رکن ٿا سندس ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ صوبي جي ٻين وڏن شهرن لاءِ اربن فاريسٽ جون اسڪيمون تيار ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪيون وڃن. هن چيو ته ٻيلن  جي بحالي سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي، کاتي جي بجيٽ ۾ ايندڙ سال مناسب اضافو ڪيو ويندو اسڪيمون تيار ڪيون وڃن ته جيئن وزيراعليٰ سنڌ کان منظور ڪرايون وڃن. هن هدايت ڏني ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ عالمي معيار جون ماڊرن نرسرين جي اسڪيمون تيار ڪيون وڃن ته جيئن حڪومتي سطح هيٺ ۽ عالمي معيار جي مطابق مختلف ٻوٽن جو معياري ۽ پائيدار اسٽاڪ موجود هجي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٻيلي کاتي لکين ايڪڙن جي ايراضي خالي ڪرائي آهي. ان کي محفوظ بنائڻ لاءِ ٻيلي  کاتي جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ ٻيلي جي زمين تي فصل پوکڻ کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي ۽ ناقابل ضمانت ڏوهه جي شق شامل ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي کان بدين تائين سامونڊي پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ڪاربان ڪريڊٽ پروجيڪٽ ۾ پاڻي جي فراهمي جي اسڪيمن کي ترجيح ڏني وڃي ان سان گڏ صحت ۽ تعليم جا منصوبا شامل ڪيا وڃن. صوبائي وزير چيو ته اڳوڻي وفاقي وزير ريلوي ڪراچي ۾ ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي پاسن تي وڻڪاري  جي اجازت ڏني هئي ان منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ملتان- سکر موٽر وي جي روهڙي انٽر چينج کان نيشنل هاءِ وي تائين پنج ڪلو ميٽر ايراضي بلاڪ پلانٽيشن ڪئي وڃي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، چيف ڪنزرويٽر وائلڊ لائف کي هدايت ڏني ته ايم 9 موٽري وي تي سفاري پارڪ قام ڪرڻ جو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ڪيو وڃي. هن کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڏني ته صوبي ۾ چار ڪينالن ۽ اهم هاءِ ويز جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ انهن جي ٻنهي پاسن تي وڻڪاري جون اسڪيمون تيار ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪيون وڃن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفاقي حڪومت پاران ڏنل پلانٽيشن پروجيڪٽ جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر جميل منڌرو، چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ عبدالجبار قاضي، چيف ڪنزرويٽر مينگروز رياض وڳڻ، چيف ڪنزرويٽر سوشل فاريسٽري اعجاز نظاماڻي، چيف ڪنزرويٽر وائلڊ لائف جاويد مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو