يونٽي فائونڊيشن پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي ريلي

يونٽي فائونڊيشن پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي ريلي

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاران 8 مارچ عورتن جي حقن جي عالمي ڏينهن تي ميونسپل پارڪ کان پريس ڪلب دادو تائين ريلي ڪڍي ويندي وئي جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ضلعي اڳواڻن ارباب آزاد جهتيال ، غلام النبي پنهور ، نواب ڪوريجو ، وقاص ياسين آرائين ، امتياز جمالي ، امتياز شينو ، نياز حسن ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ موجوده سماج ۾ عورت ناانصافي اڻبرابري ۽ جبري تشدد جو شڪار آهي، ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم سڱ چٽي ۾ ڏيڻ کان ويندي جنسي طور حراسان ڪرڻ وارا واقعا عام بڻجي ويا آهن هنن چيو تہ عورتن سان ظلم جبر ختم ڪري سندن جا حق ڏنا وڃن اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ،عورتن کي تعليم جو بنيادي حق ڏيارڻ ۽ زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ بااختيار بڻائڻ لاء عملي جدوجهد جي ضرورت آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو