يوم پاڪستان پريڊ،ٽنهي هٿياربند فوجي دستن جي شرڪت

يوم پاڪستان پريڊ،ٽنهي هٿياربند فوجي دستن جي شرڪت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) شڪر پڙيان گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان اسلام آباد ۾ پريڊ جي شروعات ٿي وئي آهي تنهي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جا دستا پريڊ ۾ شامل آهن.مهمان خصوصي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا نشان امتياز ملٽري، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز ملٽري، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي، وائس چيئرمين آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سيد نعمان علي سلامي واري هنڌ  موجود آهن. وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي مرض سبب پريڊ ۾ شرڪت ناهي ڪري سگهيو.تقريب ۾ سول ۽ فوجي قيادت ۽ پرڏيهي شخصيتون به شريڪ آهن. پريڊ ۾ چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي وفدن به شرڪت ڪئي آهي. جاڙن شهرن ۾ مقامي موڪل آهي. جڏهن ته موبائل فون سروس به بند آهي. موسم جي خرابي سبب 23 مارچ تي پريڊ نه ٿي سگهي هئي. يوم پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم کي يوم پاڪستان مبارڪ هجي. دوست ملڪن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جو به ٿورائتو آهيان. عظيم الشان پريڊ  منعقد ڪرڻ تي قوم ۽ پاڪستاني فوج کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. يوم پاڪستان سڃاڻپ جو ڏينهن آهي. علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 7 سالن ۾ خواب پورو ٿيو.صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان اڄ هڪ ايٽمي طاقت آهي. اسان جي دلير ۽ بهادر فوج اسان جي خودداري ۽ غيرت جي عڪاسي آهي. پاڪ فوج آپريشن ردالفساد ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو. ڪورونا وبا جي حوالي سان عارف علوي چيو ته ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب، مذهبي انتهاپسندي جي سياسي کي ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته سموري دنيا ڪورونا وبا کي منهن ڏئي رهي آهي. اسان گهٽ وسيلن جي باوجود ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. تمام جلد ڪورونا وبا   تي ڪنٽرول ڪنداسين پر احتياط لازمي آهي. اسان کي زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏيندي اڳيان وڌڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو