ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر امير نواز وڙائچ تي نامعلوم ماڻهن جي حملي جو نوٽيس ورتو.صوبائي گهرو وزير چيو ته ايس ايس پي کي شهر جي پوليس کي آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. عامر نواز تي حملي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته قانوني برادري کي اعتماد ۾ وٺي جاچ کي اڳتي وڌايو وڃي.پوليس موجب، عامر وڙائچ تي تشدد جو واقعو آءِ آءِ چندري ڳڙهه روڊ تي هڪ ريسٽورنٽ ۾ پيش آيو.ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب، موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن عامر وڙائچ تي تشدد ڪيو. جيئن ئي هو ڪار ۾ ريسٽورنٽ پهتو ته جوابدار به پهچي ويا ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ان دوران اسپتال ذريعن موجب، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو سول اسپتال ڪراچي ۾ سي ٽي اسڪين ڪرايو ويو.اسپتال ذريعن موجب، عامر نواز وڙائچ جي مٿي ۽ جسم جي مختلف حصن تي زخم آيا آهن. وڪيلن جو وڏو انگ سول اسپتال پهتو ۽ حادثي ۽ ايمرجنسي وارڊ ٻاهران نعريبازي ڪئي.










