ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي مختصر دوري تي ڪراچي پهتو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو،وزيراعظم آپريشن بنيان المرصوص ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان نيوي جي سپاهين ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪندو ۽ هندستاني نيوي جي جارحاڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪندو.ان موقعي تي، وزيراعظم نيوي جي آفيسرن ۽ سپاهين کي پڻ خطاب ڪندو. ڪراچي جي دوري دوران، وزيراعظم سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو.










