اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات دوران ملڪي سلامتي، اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي دفاع ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.آرمي چيف ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪ جي امن امان واري صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته سڀاڻي ٿيندڙ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي به ڳالهيون ڪيون ويون.سڀاڻي ڪوٺايل قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازي لهر تي غور ڪيو ويندو. عسڪري اختياريون دهشتگردي، افغان بارڊر جي صورتحال تي بريفنگ ڏينديون. جڏهن ته سڀاڻي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي به بريفنگ ڏني ويندي.










