واٽس ايپ پاران واهپيدارن لاءِ جديد حفاظتي فيچر متعارف

واٽس ايپ پاران واهپيدارن لاءِ جديد حفاظتي فيچر متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن (صارفين) جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪندي هڪ جديد حفاظتي فيچر متعارف ڪرايو آهي، جيڪو نامعلوم نمبرن تان ايندڙ پيغامن جي حقيقت چيٽ کولڻ کان اڳ ئي ظاهر ڪري ڇڏيندو.ميٽا جي ملڪيت واري هي ميسجنگ ائپ هاڻي ڪنهن به اڻڄاتي نمبر تان چيٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي واهپيدار کي هڪ اهم ڊيڄاريندڙ (انتباہ) جاري ڪندي. ان فيچر جو بنيادي مقصد واهپيدارن کي امڪاني فراڊ ڪندڙن کان هاريار (هوشيار) ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي ڪنهن به اڻڄاتي رابطي تي فوري ردعمل ڏيڻ بدران پهريان سوچ ويچار ڪري سگهن. واٽس ايپ پاران هي اپڊيٽ اينڊرائيڊ ۽ آئي او ايس (iOS) ٻنهي پليٽ فارمن لاءِ جاري ڪئي پئي وڃي. کمپني جي اختيارين واضح ڪيو ته هي فيچر واهپيدار کي ٻڌائيندو ته لاڳاپيل نمبر ڪٿي رجسٽرڊ آهي، ڇا ان کي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ محفوظ ڪرڻ مناسب آهي ۽ ڇا ٻئي ڄڻا ڪنهن گڏيل (ميMutual) گروپ ۾ شامل آهن. ان سيڪيورٽي سسٽم ذريعي چيٽ کولڻ کان اڳ ملندڙ معلومات سان واهپيدار پاڻ فيصلو ڪري سگهندو ته کيس جواب ڏيڻو آهي يا نه. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان سڄي عمل دوران ميسج موڪليندڙ کي ڪنهن به قسم جي خبر نه پوندي، جنهن سان واهپيدار جي پرائيويسي مڪمل طور تي برقرار رهندي. واضح رهي ته اسڪيمرز اڪثر پاڻ کي ويجھو واقفڪار ظاهر ڪري نئون نمبر هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، جنهن جو فائدو وٺندي اهي واهپيدارن کي ڌوڪو ڏيندا آهن. هاڻي هي نئون سيڪيورٽي فيچر خاص طور تي ٻين ملڪن ۾ رجسٽرڊ نمبرن جي نشاندهي ڪندو، جنهن سان عالمي سطح تي ٿيندڙ فراڊ جي واقعن ۾ وڏي گهٽتائي متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو