واٽس ايپ جو هن سال جو وڏو فيچر ڪجهه صارفين لاءِ دستياب

واٽس ايپ جو هن سال جو وڏو فيچر ڪجهه صارفين لاءِ دستياب

لنڊن (ويب ڊيسڪ)واٽس اپ تصديق ڪئي آهي ته ان جو فيس بوڪ گروپ جهڙو فيچر ڪميونٽيز هاڻي محدود استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب آهي.اهو ظاهر ڪري ٿو ته هي فيچر جلد ئي سڀني صارفين لاءِ رول آئوٽ ڪيو ويندو.ميٽا جي ملڪيت واري ڪمپني اهو چوڻ کان انڪار ڪيو ته ڪيترين صارفين يا ملڪن ۾ نئين فيچر کي آزمايو پيو وڃي پر تصديق ڪئي وئي آهي ته ڪجهه ماڻهن کي ڪميونٽيز تائين ابتدائي رسائي ڏني وئي آهي.واٽس اپ پاران اپريل ۾ فيچر جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد مشهور فيچرز جهڙوڪ فيس بڪ گروپس کي ميسيجنگ ايپ اندر آڻڻ هو.ڪميونٽيز ۾ واٽس ايپ گروپن جا مختلف فيچرز جهڙوڪ چيٽ، فائل شيئرنگ سپورٽ، گروپ وڊيو ڪالز ۽ ايموجي ري ايڪشنز شامل هوندا، جڏهن ته ايڊمن ٽولز سميت ٻيا فيچر پڻ ڏنا ويندا. واٽس اپ ڪميونٽي فيچر پڻ ٻين ميسيجنگ ايپس جهڙوڪ ٽيليگرام کي مقابلو ڪرڻ لاءِ ٺهيل آهي. هن نئين فيچر جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته مکيه اعلان گروپ ۾ صرف ايڊمن ئي ميمبرن سان اعلان شيئر ڪري سگهندا ۽ هڪ ڪميونٽي جا هزارين ميمبر هوندا.اهي ميمبر ننڍڙا ذيلي گروپ ٺاهي سگهندا جيڪي منتظمين طرفان منظور ڪيا ويندا.فيس بڪ گروپن جي برعڪس، واٽس اپ ڪميونٽي هن پليٽ فارم تي عوامي يا دريافت نه ٿينديون، پر صارفين کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي.ان کان اڳ ويب انفو هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته بيٽا ورزن ۾ ڪميونٽي فيچر ڪجهه صارفين لاءِ دستياب آهي. پر واٽس ايپ چيو آهي ته بيٽا ورزن کان اڳتي هي فيچر ڪجهه ملڪن ۾ محدود استعمال ڪندڙن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو