نوابشاهه(ن سنڌيار)پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ طرفان دوائن جي مد ۾ ھڪ ئي ڏينهن ۾ 5ڪروڙ 65 لک جا بل ٺاهي خزاني آفيس موڪليا ويا. خزاني آفيس دوائن جا چيڪ به جاري ڪري ڇڏيا . سنڌ حڪومت جي نئين قانون تحت يونيورسٽيءَ جي اسپتال ۾ قائم ڪيل بورڊ جي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن عمر فاروق جاري ڪيل پنجن ڪروڙ 65 لکن تي اعتراض واريندي خزاني آفيس کي جاري ٿيل چيڪ رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. خزاني آفيس ترت عمل ڪندي جاري ٿيل چيڪ ڌرين کان واپس ڪرائي ڪينسل ڪري ڇڏيا، جنهن بعد پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ جي ايم ايس ڊاڪٽر آصف رضا بروهي کي نوابشاهه مان ھٽائي قاضي احمد جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو جڏهن ته اڪائوٽنٽ سليم ڀٽي کي معطل ڪيو ويو ۽ فارماسسٽ ذوالفقار جمالي کي ڪراچيءَ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.واضع رهي ته ايم ايس، بورڊ ميمبرن جي منظوري کانسواءِ پنج ڪروڙ 65 لک جا بل ٺاهي خزاني آفيس موڪليا هئا. خزاني آفيس جي عملدار حبيب الرحمان آرائين تصديق ڪندي چيو ته اسان 5 ڪروڙ 65 لکن جا جاري ڪيل چيڪ ڪينسل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ايم ايس ڊاڪٽر آصف رضا بروهي جو چوڻ هو ته مون جائز بل موڪليا آھن.










