ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي ويڪسينيشن سينٽرز ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ انهن جو انگ 28 ٿي ويو آهي.نئون ويڪسينيسن سينٽر ڊائو انٽرنيشنل ميڪيل ڪاليج ۾ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ئي ڪلاڪ کليل رهندو.ملڪ ۾ 70 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن سهولت گذريل ڏينهن کان شروع ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا 38هزار999 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار351 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته1 6 ڄڻا ڪورونا سبب فوت ٿيا.










