هڪ غلط جواب تي گوگل کي 100 ارب ڊالرز جو نقصان

هڪ غلط جواب تي گوگل کي 100 ارب ڊالرز جو نقصان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو متعارف ڪرايل آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ ’بارڊ‘ ۾ خرابي سبب گوگل کي 100 ارب ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ بارڊ جو هڪ وڊيو اشتهار ٽوئيٽر تي شيئر ڪيو ويو.جنهن تي بارڊ ڪيترائي جواب ڏنا، انهن مان هڪ ۾ هن چيو ته جيمس ويب ٽيلي اسڪوپ مشن هو جنهن شمسي نظام کان ٻاهر ڪنهن سياري جي تصوير ڪڍي هئي، پر چيٽ بوٽ بارڊ جو جواب غلط هو.شمسي نظام کان ٻاهر ڌرتيءَ جي پهرين تصوير 2004ع ۾ يورپي سدرن آبزرويٽري جي ويري لارج ٽيلي اسڪوپ ذريعي ورتي وئي هئي ۽ ان جي تصديق آمريڪي خلائي اداري ناسا به ڪئي هئي.پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽرز“ موجب بارڊ جي غلطي کانپوءِ گوگل جا شيئرز 9 سيڪڙو گهٽجي ويا، اها گهٽتائي گذريل ڏيڍ مهيني جي مجموعي گهٽتائي کان وڌيڪ آهي، ان ڪري گوگل جي مالڪ ڪمپني ’الفا بيٽ‘ ڪارپوريشن کي سخت نقصان ٿيو آهي.رائٽرز پهريون ڀيرو گوگل جي چيٽ بوٽ بارڊ جي اشتهار ۾ غلطي جي نشاندهي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو