اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جڏهن اپوزيشن ورهايل هجي ۽ هڪ ٻئي سان اختلاف ۾ هجي، اهڙي صورتحال ۾ سرخيون ٺاهڻ يا ڪانفرنس کي ڪامياب ڏيکارڻ لاءِ اهو ئي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو مخالف ڌر ڪيو هو. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي طلال چوڌري چيو ته جيڪڏهن توهان جيڪا هوٽل بک ڪئي آهي اتي توهان کي ايس او پيز موجب پاسپورٽ يا شناختي ڪارڊ آڻڻ لاءِ چيو ته ڇا توهان ڀت ٽپائي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو؟










