اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هر شعبي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سڀئي معاشي اشارا مثبت رجحان ڏيکاري رهيا آهن.اسلام آباد ۾ هڪ خاص اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سرڪاري ملڪيت وارن ادارن ۾ بهتري آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، گذريل 3 سالن ۾ نقصان گهٽجي ويا آهن، مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن.محمد اورنگزيب چيو ته ڪجهه ڪمپنين جو منافعو گهٽجي ويو آهي، اسان ادارن جي گورننس کي بهتر بڻايو آهي، ادارن ۾ مقرر ڪيل چيئرپرسن يا چيئرمين خانگي ادارن مان آهن.هن چيو ته ڪجهه ادارا بند ڪيا ويا آهن يا بند ٿيڻ وارا آهن، ادارن جي ملازمن کي پيڪيج ڏنا ويا آهن جيڪي بند ڪيا پيا وڃن، ۽ جيڪي ادارا مسلسل نقصان ڪري رهيا آهن انهن کي بند ڪيو پيو وڃي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اسان نجڪاري ڏانهن وڌي رهيا آهيون، قومي ايئر لائن ۽ فرسٽ وومين بينڪ کي شفاف طريقي سان نجڪاري ڪيو ويو، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته نجڪاري جي عمل کي شفافيت سان اڳتي وڌايو ويندو.










