ڪنب (صفدرچانڊيو) اولڊ نيشنل هاءِ وي تي ديھ سوهو وٽ تيررفتار ويگن جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نيتجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ڀاتي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڳوٺ بنگل خان چانڊيو جا رهواسي لطيف ڏنو چانڊيو، مسمات شريفان خاتون، مسمات ريشمان خاتون ۽ راضيه خاتون خيرپور ڏانهن پنهنجي رشتيدار جي عيادت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ديھ سوهو وٽ تير رفتار ويگن موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا هڪ مرد لطيف ڏنو چانڊيو ريشمان ۽ شريفان خاتون ٿڏي تي فوت ٿي ويا هڪ عورت مسمات راضيه پڻ شديد زخمي ٿي پئي جنهن کي تعلقه اسپتال ڪوٽڏجي پهچايو ويو. حادثي جو شڪار ٿيل خاندان جا ٽئي لاش جڏھن اباڻي ڳوٺ پهتا ته گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڪوٽڏجي پوليس ويگن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏھن ته ڊرائيور موقعي تان ئي فرار ٿي ويو.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد