روڊ حادثو، هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي فوت، 1 زخمي

ڪنب (صفدرچانڊيو) اولڊ نيشنل هاءِ وي تي ديھ سوهو وٽ تيررفتار ويگن جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نيتجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ڀاتي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڳوٺ بنگل خان چانڊيو جا رهواسي لطيف ڏنو چانڊيو، مسمات شريفان خاتون، مسمات ريشمان خاتون ۽ راضيه خاتون خيرپور ڏانهن پنهنجي رشتيدار جي عيادت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ديھ سوهو وٽ تير رفتار ويگن موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي  نتيجي ۾ ٽي ڄڻا هڪ مرد لطيف ڏنو چانڊيو ريشمان ۽ شريفان خاتون ٿڏي تي فوت ٿي ويا هڪ عورت مسمات راضيه پڻ  شديد زخمي ٿي پئي جنهن کي تعلقه اسپتال ڪوٽڏجي پهچايو ويو. حادثي جو شڪار ٿيل خاندان جا ٽئي لاش جڏھن اباڻي ڳوٺ پهتا ته گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڪوٽڏجي پوليس ويگن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏھن ته ڊرائيور موقعي تان ئي  فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو