ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا نيب کان ڪرپشن جي ڪيسن جي جوابدارن پاران رضا ڪارانه طور واپس ڪيل رقم يعني ’وي آر‘ تحت اوڳاڙيل هڪ ارب 59 ڪروڙ روپيا واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين کي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو، نيب طرفان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مختلف آفيسرز کان وي آر تحت اربين رُپيا اوڳاڙيا ويا هئا، ڪابينا ايس آر بي ايڪٽ ۾ به ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيف سيڪريٽري کي چيو ويو ته هو ان بابت خط لکي ۽ 2016 ۾ سپريم ڪورٽ جي ازخود ڪاروائي واري ڪيس نمبر 17 ۾ ڏنل حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کي چيو وڃي. مشينري، ساز و سامان ۽ اوزارن تي ٽئڪس 5 سيڪڙو مان وڌائي 13 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي، ڪي ايم سي ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهر هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سنڌ ڪابينا ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهرن لاءِ الاٽ ٿيل 29 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي، ڪوس گهرن جي زمين تي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ بائيو گئس پلانٽ لڳايو ويندو، ڪي ايم سي کي ڪنهن ٻي زمين تي ڪوس گهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد