نوابشاهه(ن س) نوابشاهه ۾ آمري روڊ تي فتحال زرداري ڳوٺ ويجهو زائرين جي وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيو.پوليس موجب حادثي ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهو پنجاب جا آهن.حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته زائرين شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا.










