موٽر وھيڪل انسپيڪشن سينٽرز هڪ هفتي ۾ فعال ڪبا، شرجيل

موٽر وھيڪل انسپيڪشن سينٽرز هڪ هفتي ۾ فعال ڪبا، شرجيل

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار سڄي صوبي اندر ايم وي آءِ (موٽر وھيڪل انسپيڪشن) سينٽرز هڪ هفتي جي اندر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي حڪم ڏنو آهي ته هڪ هفتي جي اندر ايم وي آءِ (موٽر وهيڪل انسپيڪشن) سينٽرز فعال ڪيا وڃن، جڏهن ته سکر رستي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ سڀني گاڏين لاءِ ايم وي آءِ لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال ڏايو، سيڪريٽري پروينشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي اوڪاش ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايتون جاري ڪيون ته روڊ سيفٽي جي قاعدن تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هفتي جي اندر ايم وي آءِ سينٽرز کي فعال ڪيو وڃي. هن چيو ته گاڏين جي فٽنس کي يقيني بڻائڻ لاءِ فيصلائتا قدم کنيا پيا وڃن، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سخت فيصلا ضروري آهن، جيئن ٽريفڪ جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگھجي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ چار ايم وي آءِ سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن، جن مان ٻه گلبائي، هڪ بنارس ۽ هڪ ڪورنگي ۾ قائم ڪيا پيا وڃن. سکر، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ هڪ هڪ ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اھڙن قدمن جو مقصد غير معياري گاڏين خلاف هڪجهڙي ڪارروائي ڪرڻ ۽ صوبي ڀر ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن اختيارين کي هدايتون ڏنيون ته گاڏين جي معائني جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته شهري ڪنهن به قسم جي ڏکيائي جو منھن ڏسڻو نھ پوي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سکر رستي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين لاءِ ايم وي آءِ لازمي هوندو، جيئن ٻين صوبن مان ايندڙ غير معياري گاڏين جي روڪٿام ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پرعزم آهي ته رستن تي رڳو جوڳيون گاڏيون هلن تھ جيئن نھ رڳو حادثن کي روڪي سگھجي پر ماحولياتي گدلاڻ ۾ به گهٽتائي آڻي سگهجي. حڪومت وڌيڪ سخت قدمن تي غور ڪري رهي آهي ته جيئن ناقص ۽ غير معياري گاڏين خلاف ڪارروائي کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ڪمرشل ۽ نان ڪمرشل گاڏين جي موٽر وهيڪل انسپيڪشن فيس جو پڻ جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو