اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي مونس الاهي جي مبينا فرنٽ مينز خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي مبينا فرنٽ مينز پنجاب اسيمبلي جي نائب قاصد قيصر، ارم امين ۽ ارشد اقبال خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٽنهن ڄڻن خلاف انڪوائري جي شروعات سندن اڪائونٽس ۾ شڪي ٽرانزيڪشن جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب ارم امين مونس الاهي جي ڪمپني ۾ به ڪم ڪندي آهي.پنجاب اسيمبلي جي نائب قاصد قيصر، ارم امين ۽ ارشد اقبال جي اڪائونٽس مان مونس الاهي ۽ ٻين گهرڀاتين جي اڪائونٽن ۾ پئسا منتقل ٿيا. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل سندن پروفائيل سان هڪجهڙائي نٿا رکن.










