مورو واقعو پاڪستان خلاف سازش هو: شرجيل ميمڻ

مورو واقعو پاڪستان خلاف سازش هو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان خلاف سازشن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته موري ۾ ٿيل احتجاج دوران ڪجهه وڳوڙي عناصر به شامل هئا، جيڪي بارودي مواد سان ليس هئا.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ هڪ پابندي مڙهيل تنظيم ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث رهي آهيسنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان خلاف سازشن جي نتيجي ۾ پراڪسيز کي سرگرم ڪيو ويو آهي، پابندي شده تنظيم جسمم جو اڳواڻ شفيع برفت، جيڪو هڪ عرصي کان پاڪستان کان ٻاهر آهي، مورو باءِ پاس تي احتجاج جو سڏ ڏنو. شفيع برفت سنڌ ۾ ريلوي جي پٽڙين کي نقصان پهچائڻ کان وٺي اسان جي دوست ملڪن جي مهمانن کي نشانو بڻائڻ تائين ڪيترن ئي واقعن جي ذميواري قبول ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پوليس پوري ڪوشش ڪئي ته احتجاج پرامن طريقي سان ختم ٿئي. پوليس اهلڪارن وٽ ڪو به باهه وارو هٿيار نه هو، صرف ڏنڊا هئا. احتجاج ۾ ڪجهه نقاب پوش ڏنڊا کڻندڙ به شامل هئا، جن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، فائرنگ ڪئي، جنهن سبب اٺ پوليس اهلڪار ۽ ٻه مظاهراچي زخمي ٿيا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته احتجاج دوران پوليس تي تشدد ڪيو ويو، ڪجهه ماڻهن وٽ ڌماڪيدار مواد پٺيءَ تي ٽنگيل ٿيلهيءَ ۾ موجود هو، انهن انهي مواد سان آئل ٽينڪر کي باهه ڏني ۽ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر کي به ساڙي ڇڏيو. اهو اهڙو آتشي مواد هو، جنهن سان گهر جون ڀتيون به سڙي ويون. شرپسندن انهي ڪيميائي مواد سان گهر ۾ گهڙي، باهه لڳائي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وٽ اهڙيون وڊيوز موجود آهن جن ۾ اهي چون ٿا ته “چلو چلو، لنجار هائوس چلو”، اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي نه سنڌي نه سرائڪي، پر ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مظاهرين وٽ جديد هٿيار هئا، جن مان لڳو پئي ته اهي غير ملڪي آهن. سينيئر وزير ميڊيا کي گهر کي ساڙڻ جي وڊيو ڏيکاري ۽ چيو ته اهڙي باهه آتشي ڪيميائي مواد کانسواءِ لڳي ئي نٿي سگهي. جڏهن مظاهرين فائرنگ ڪئي ته جلوس ۾ شامل ٻن ماڻهن کي گولي لڳي. اسپتال ۾ به هنگامه ٿيو ۽ پوليس سان به تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته پوليس مظاهرين کي چيو ته فوت ٿيل ماڻهن جون لاشون وارثن حوالي ڪريو، پر انهن انڪار ڪيو. سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ڏنو ويو ته پوليس لاش کڻي وئي آهي. پوليس بار بار چيو ته لاش وٺو، پر انهن نه مڃيو. قومپرست اڳواڻن به چيو ته دفن ڪيو، پر انهن نه مڃيو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي به چيو ويو ته حمايت ڪريو، پر هن چيو ته “توهان پرتشدد سياست پيا ڪريو، اسان اهڙي سياست نٿا ڪري سگهون. شرجيل ميمڻ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ڏنو ويو ته حڪومت لاشون نٿي ڏئي. وڪيلن جو وفد به ويو، پر مظاهرين چيو ته جيتوڻيڪ مهينو لڳي، پر اسان تدفين نه ڪنداسين، جيستائين آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کي نه هٽايو وڃي. مذهبي عالمن جو وفد به ويو، پر لاش دفن نه ڪيا ويا. پوءِ اهي پاڻ عدالت ويا ۽ چيو ته پوليس لاش گم ڪري ڇڏيو آهي. عدالت قانوني ڪارروائي بعد فيصلو ڏنو ته جيڪڏهن وارث لاش وٺڻ کان انڪار ڪن ته ايس ايس پي نوشهروفيروز کي هدايت ڪئي وڃي ته ڪنهن سماجي تنظيم جي مدد سان لاش دفن ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ پيچيدگين کان بچي سگهجي. هن چيو ته عدالتي حڪم بعد 10 کان 12 ڪلاڪ لاش رکيو ويو. ڊاڪٽرن ايم ايل او ڪرڻ بعد چيو ته لاش فوراً دفن ڪيو وڃي، جنهن بعد سماجي تنظيم ذريعي لاش دفن ڪيو ويو. سڄي معاملي کي ڀارت ۾ وڏي پذيرائي ملي، جتي چيو ويو ته هوم منسٽر جو گهر ساڙيو ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ سياسي جماعت آهي، جيڪا سڀني سياسي جماعتن جو احترام ڪري ٿي، اختلاف راءِ هوندو آهي، پر جنهن تنظيم اهو سب ڪجهه ڪيو، اها سياسي جماعت ناهي. اهي نوجوانن کي هٿيار ڏئي گمراهه ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن شفيع برفت پنهنجي قوم سان مخلص آهي ته هو پاڪستان اچي. حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نوجوانن کي غلط رستي تي لڳائڻ برداشت نه ڪندي. حڪومت انتشار ۽ تشدد کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. نوجوانن کي اهڙن عنصرن کان بچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن هر وڏي عيد، عيد ميلاد يا خاص ڏينهن تي قومي اثاثن کي نشانو بڻايو. هڪ اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته هن پنهنجو گهر پاڻ ساڙيو. جيڪڏهن حڪومت گهر پاڻ ساڙيا، ته پوءِ جيڪي گرفتاريون ٿي رهيون آهن، اهي به پنهنجي ماڻهن جون آهن ته پوءِ احتجاج ڇو؟ ڪنهن جي چادر ۽ چار ديواري تي حملو سنڌ جي روايت ناهي. ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مورو واري واقعي جو مقصد اهو هو ته اهو عالمي خبر بڻجي. سنڌ جا ماڻهو سدائين پرامن رهيا آهن، شاهه ڀٽائي ۽ سچل سرمست جا پوئلڳ آهن. هر اليڪشن ۾ سنڌ جا ماڻهو انهن کي رد ڪندا رهيا آهن. سنڌ وارا بنيادي مسئلن جو حل چاهين ٿا. پيپلز پارٽي انهن مسئلن تي ڪڏهن به سياسي سوديبازي ناهي ڪئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ اڳواڻ يورپي ملڪن ۾ ويهي معصوم نوجوانن جي ذهن سازي ڪري انهن کي غلط استعمال ڪري رهيو آهي. مسئلا ڳالهين سان حل ٿين ٿا، پرتشدد طريقي سان نه. هڪ ٻي سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ تجربيڪار سياستدان آهن، ممڪن آهي ته هن سوشل ميڊيا جي خبرن تي احتجاج جي سڏ ڏني هجي ته پوليس لاش نه پئي ڏئي. منهنجي گذارش آهي ته هو احتجاج جي سڏ واپس وٺن.سنڌ ۾ هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جنهن جون ڪڙيون موري واري احتجاج سان به جُڙيل آهن.هن 20 مئي تي پابندي مڙهيل تنظيم جيئي سنڌ متحده محاذ طرفان مورو باءِ پاس تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو، وڳوڙين وٽ هٿيار ۽ بارودي مواد به هو، پرتشدد واقعن دوران اٺ پوليس اهلڪار ۽ ٻه احتجاج ڪندڙ زخمي ٿيا.هن الزام هنيو ته احتجاج جي آڙ ۾ وڳوڙين گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر ۽ گاڏين کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏني، جڏهن ته پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو ويو.صوبائي وزير وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته موري ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن کي احتجاج ڪندڙن جون ئي گوليون لڳيون، جنهن سان واضح ٿئي ٿو ته پرامن احتجاج جي نالي ۾ پرتشدد ڪارروايون ڪيون ويون.شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته حڪومت اهڙن شرپسند عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ۽ ڪنهن به تنظيم کي رياستي ادارن يا عوام جي جان ۽ مال سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مورو ۾ پوليس وٽ هٿيار به نه هئا، شرپسندن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ فائرنگ به ڪئي شرپسند پوليس تي حملا ڪيا جنھن ۾ 8پوليس اھلڪار ۽ 2مظاھرين زخمي ٿيااھي شرپسند ٻوٿ ٻڌ ل ماڻھن اھو ڪم ڪيوجڏھن تھ مارجي ويلن جي وارثن پاڻ لاش وٺڻ کان انڪار ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو