منشيات خلاف ڪاروائين ۾ 5 منشيات فروش گرفتار ،چرس هٿ

منشيات خلاف ڪاروائين ۾ 5 منشيات فروش گرفتار ،چرس هٿ

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي)ملير ۾ شاهه لطيف پوليس جو وڌندڙ منشيات خلاف مسلسل ڪارروائين جو سلسلو جاري مختلف ڪاروائين ۾ 5 منشيات فروش گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ساڍا ٽي ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيس داخل، علائقي ۾ امن بحالي منشيات فروشن کي هٿي وٺرائندڙ ۽ پوليس ڪاروائين ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪبو، ايس ايڇ او شاهه لطيف محمد علي .ملير وڌندڙ منشيات خلاف ٿيندڙ احتجاجن کانپوءِ حد پوليس متحرڪ ٿي وئي مختلف علائقن ۾ ڪاروائين دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن وٽان ساڍا ٽي ڪلو کان وڌيڪ اعلي’ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪري ورتو پوليس مطابق گرفتار پنج جوابدار ملير جي مختلف علائقن ۾ منشيات سپلائي ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي گرفتار جوابدارن ۾ شڪيل عرف احمد، مھر علي، جو نالو منشيات فروشن جي اهم لسٽ ايف آئي آر ۾ آهي جوابدارن جو وڌيڪ ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو رڪارڊ جاچ ڪيو پيو وڃي گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شڪيل عرف احمد، مهر علي، فيصل، محمد آصف ۽ برڪت علي طور ٿي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدارن کان وڌيڪ اهم انڪشاف ٿيڻ جي اميد آهي پوليس،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو