دادو (ن س) ملڪيت جي معاملي تان وڪيل پنهنجي والد مٿان فائرنگ ڪئي، حملي ۾ والد محفوظ رهيو گوليون ڪار کي لڳيون، خدا آباد پوليس وڪيل بخشل شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ڪار ۾ ويٺل والد سيد گل محمد شاهه تي فائرنگ ڪئي فائرنگ ۾ پيءُ معجزانه طور بچي ويو . پيءُ جي فرياد تي پٽ کي گرفتار ڪري سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت کيس 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.










