ملڪيت تان اختلاف والد تي فائرنگ ڪندڙ وڪيل گرفتار

ملڪيت تان اختلاف والد تي فائرنگ ڪندڙ وڪيل گرفتار

دادو (ن س) ملڪيت جي معاملي تان وڪيل پنهنجي والد مٿان فائرنگ ڪئي، حملي ۾ والد محفوظ رهيو گوليون ڪار کي لڳيون، خدا آباد پوليس وڪيل بخشل شاهه کي گرفتار ڪري ورتو.  جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ڪار ۾ ويٺل والد سيد گل محمد شاهه تي فائرنگ ڪئي فائرنگ ۾ پيءُ  معجزانه طور بچي ويو . پيءُ جي فرياد تي پٽ کي گرفتار ڪري سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ دادو جي عدالت ۾  پيش ڪيو عدالت کيس 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو