ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ملير ڪورٽ ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.پوليس موجب، حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس ملير سٽي مان گرفتار ڪيو ويو.حادثي کان پوءِ، ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو.










