محرم دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامات کي يقيني بڻايو آهي

محرم دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامات کي يقيني بڻايو آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت محرم الحرام دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامات کي يقيني بڻايو آهي. وزيراعليٰ سنڌ مختلف مذهبي عالمن سان ملاقاتون ڪيون ۽ اعزداري جي ڏينھن دوران مجلسن ۽ جلوسن لاءِ سيڪيورٽي پلان جو جائزو ورتو. هن ٻڌايو ته مجلسن لاءِ 14,546 جڏهن ته محرم الحرام جي جلوسن لاءِ 35,116 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ 14 هزار کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ 8 کان 10 محرم دوران مجموعي طور تي 49,662 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ته جيئن ڪنهن به ناگوار واقعي کان بچي سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي 15 اپريل 2025ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن تحت شهر جي 11 وڏين روڊن تي چنگچي رڪشن جي آمدرفت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته اها پابندي سموري ڪراچي تي نه پر مخصوص مرڪزي روڊن تائين محدود آهي، ۽ اهو قدم سنڌ موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 تحت کنيو ويو آهي. هن چيو ته ٽرئفڪ کي منظم ڪرڻ ۽ شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جو انتظامي اختيار آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا ملڪ جي ٻين حصن ۾ مرڪزي روڊن تي چنگچي رڪشا هلن ٿا؟ تعليم جي شعبي بابت ڳالهائيندي، شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ 93,118 استاد ڀرتي ڪيا آهن، جن ۾ 58,613 مرد ۽ 31,075 عورتون شامل آهن. اقليتن جي ڪوٽي تحت 2,100 ۽ خاص قابليتن وارن لاءِ 1,330 استادن کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهي ڀرتيون مڪمل شفافيت سان IBA ٽيسٽ ذريعي ڪيون ويون ۽ انهن تي ڪو به اعتراض نٿو ٿي سگهي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ 5,000 بند ٿيل اسڪول ٻيهر کوليا ويا آهن. هن وقت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ 55 لک، نجي اسڪولن ۾ 40 لک، ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ 10 لک ٻار پڙهي رهيا آهن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ موسمياتي تبديلي جي اهم شعبن ۾ به انقلابي قدم کنيا آهن. 2022 جي تباه ڪن ٻوڏ کانپوءِ سنڌ حڪومت 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جو هدف حاصل ڪيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري موسمياتي تبديليءَ تي عالمي سطح تي آواز اٿاريو. سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ مينگروو وڻڪاري جو به بندوبست ڪيو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته علي امين گنڊا پور کي اپوزيشن جي ضرورت ناهي، هو پاڻ ئي پنهنجي اپوزيشن آهي. ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ اتي جو وزيراعليٰ اسلام آباد تي چڙهائي جون ڳالهيون ڪري ٿو، جڏهن ته پنهنجي صوبي جي مسئلن کان بي خبر آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪڏهن به ڪراچي ۾ پنهنجو ڪم ناهي ڪيو ۽ هميشه فتنن واري سياست ڪئي آهي. سنڌ حڪومت تنقيد برداشت ڪري ٿي، پر ڪنهن کي به حڪومت کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي اجازت نه آهي. احتجاج لاءِ به حڪومت تجويز ڏني هئي ته هڪ وڏو علائقو مختص ڪيو وڃي، جيئن عوامي زندگي متاثر نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو